15 اگست، 2013

سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن (منوج ڪمار)

  اهي هڪ نئين سنڌ جا نوجوان آهن. اهي نئين ريتن ۽ روايتن جا امين آهن ۽ هنن جو سندن پراڻين روايتن سا ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن کي نه ته شهرت جي بک آهي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي خواهش. اهي نه ته ڪنهن ايوارڊ جا متلاشي آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن معاوضي جي تمنا. نه کين اسٽيجن تي، ڪرسين تي ويهڻ جي آرزو آهي ۽ نه وري کين وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جي نه ڪا تنظيم آهي، نه ڪو وٽن اليڪشنون ٿين ۽ نه وري اهي عهدن تي هڪ ٻئي سان وڙهن. نه کين اها لالچ آهي ته کين ڪنهن اداري جو سربراهه بنايو ويندو ۽ نه ئي کين انهيءَ جو شوق ته کين ڪو ٽوئر تي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.