10 جولائی، 2013

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تاريخي پسمنظر (شبير ڪنڀار)

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرامالڪاتب۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جوڪَکُ پنڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن  جي جاءِ ڪمپيوٽرن  ورتي.

برهمڻ آباد شهداد پور


شهداد پور ضلعي سانگهڙ جي اڀرندي، اٺن ميلن جي مفاصلي تي، 25 ڊگريون 3 انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 49 انچ ڊگهائي ڦاڪ جي قطر تي، وسيع ڀرن جا ڀرون پسجن ٿا، جن کي ڳوٺاڻا ”ڀانبرا“ ۽ ”دلور“ سڏين ٿا، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ”بهمنه“ يا ”برهمڻ آباد“ مشهور آهي. مرحوم مرزا قليچ بيگ هن کي ”ڀانبرا“ مان ”ٻانڀاھ“ ڄاڻايو آهي، يعني ”ٻانڀڻ جو شهر“ يا برهمڻ آباد. چيو وڃي ٿو ته هي شهر بهمن بن اسفنديار جو ٻڌايل هو، ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳي پراڻي سنڌو ندي، هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي آباد ٿيو.

4 جولائی، 2013

ڪتبخانا ۽ انهن جي اهميت


                                 ماهه رخ بلوچ

مقصد ۽ سڌارا:
ڪتبخانا علمي زندگيءَ جو اهم شعبو آهن. انهن جي ترقي ملڪي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڪنهن ملڪ جي ترقي جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتبخانا آهن.
جارج برنارڊ شاهه جي خيال ۾ ڪتاب تهذيب جي ترقي وٺرائڻ جو بهترين ذريعو آهن.

لائبريريون ويران ڇو آهن؟



گل حسن لاکو/سنڌ يونيورسٽي

ڪالهوڪي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ دوست جڙيو ٻٻر سکر کان ”سکر جون ويران لائبريريون“ بابت هڪ خط لکيو هو، دوست صرف سکر جي لائبريرين بابت لکيو هو پر سنڌ جي هر شهر جي لائبريريءَ سان اهڙو ويڌن آهي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته لائبريريون علم جي حاصلات لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ علم جي ترقيءَ جي ڪري ئي ڪا به قوم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي آهي، سنڌ ۾ لائبريريون تمام گهٽ آهن پر انهن ۾ به ڪافي مسئلا درپيش آهن،

3 جولائی، 2013

منهنجو شهر شهدادپور


سُهڻي ۽ ميهار جو شهر شهدادپور

سنڌ جي سانگھڙ ضلعي جي قديم ۽ تاريخي شهرن مان شهدادپور جو شهر پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هن شهر سان نوابشاهه، ٽنڊوآدم، سانگهڙ ۽ هالا شهرن جو حدون لڳن ٿيون. هيءُ شهر ٽالپر حڪمران مير شهداد خان ٽالپر جوڙايوهو. تعلقي جي حيثيت ۾ قائم شهدادپور جي آبهوا سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ گرم هوندي آهي. شهدادپور جو شهر چئن يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي درگاهه هن شهر کان 10 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.