Ad 468 X 60

بلاگ وزٽ ڪــــــــــرڻ تي دل جــــي عميق گـــهـــــرائين ســــــان ڀلــــــيــــڪـــــــار

ڪتاب پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جي عادت پيدا ڪرڻ جي ضرورت

مطالعو هڪ عادت هوندي آهي ۽ هي عادت به ٻين عادتن جيان پاڻ ۾ باقائده وجهڻي پوندي آهي. اسان جيسيتائين ڪتاب کي پنهنجي روزمره جي مصروفيتن جو حصو نه ٿا بنايون ، تيسيتائين ڪتاب اسان جي عادت بڻجي نه سگهندا. يورپ جا ماڻهو ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان پهرين ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهندا آهن. هو ٻارڙن کي ٻين سير وتفريح جي جاين تي گھمائڻ سان گڏوگڏ ڪتاب وڪرو ڪندڙ دڪانن ۽ ڪتابي ميلن تي پڻ وٺي ويندا آهن. کين ڪتب خانن ۾ وٺي ويندا آهن. اُتان ڪتاب حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار سمجهائيندا آهن. پنهنجي ٻارڙن کي گهران نڪرندي وقت ڪتاب گڏ کڻڻ جي عادت وجهندا آهن. توهان اگر ڪڏهن يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃو ته توهان کي ماڻهو ريل گاڏين، بسن، بس اسٽاپن ۽ پارڪن ۾ پڙهندي نظر ايندا. توهان کي هر شخص جي هٿن ۾ اخبار يا ڪتاب نظر ايندو. کيس جتي به جاءِ ملي، اُتي ويهي پڙهڻ شروع ڪندو. هڪ رپورٽ مطابق يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪتابن جو پهريون ڇاپو ڏهه ڏهه لک هوندو آهي. بعد ۾ اُنهن جي اشاعت ڪروڙن تائين پهچندي آهي اسان مان هر اُن ماڻهو کي مهيني ۾ ٽي ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجن جيڪو پرائمري پڙهيل آهي. جيڪو انگ ۽ اکر پڙهي سگهي ٿو.

ڪتب خانن جي باري ۾ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ: لياقت علي راهو



 ڪتبخانا (لائبريريون) اهڙيون مقدس جايون هوندا آهن جن ۾ وڏي پيماني تي قيمتي انفارميشن (چاهي اها ڪهڙي به فارميٽ ۾ هجي) ترتيب سان محفوظ هوندي آهي ته جيئن اها انهن ماڻهن تائين آساني سان پهچي سگهي، جن کي ان جي ضرورت آهي. ڪتبخانن ۾ ماڻهن کي معلومات تمام جلدي ۽ آساني سان مهيا ٿيندي آهي.
اسان جي معاشري ۾ ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي ته انهن ڪتبخانن ۾ موجود مواد جي باري ۾ تمام گھٽ ماڻهن کي خبر آهي. ٻه ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي باري ۾ ماڻهن کي خبر هئڻ ضروري آهي.
·       اها خبر هجي ته ڪتبخاني ۾ ڪهڙو ڪهڙو مواد موجود آهي؟
·       ڪتب خاني کي ڪيئن استعمال ڪجي؟

مطالعي جي عادت جو زوال ”هڪ مشاهدو“



ڊاڪٽر شاهد صديقي
ترجمو: عبدالخالق ميڻو

ماضي قريب ۾، يونيورسٽي جي داخلا ۽ مختلف مضمونن لاءِ استادن جي چونڊ دوران، اميدوارن کان انٽرويو ڪندي منهنجي مشاهدي اهو نتيجو اخذ ڪيو ته مطالعي / پڙهائي واري عادت (Reading Habit) اسان جي سماج ۾ ختم ٿيڻ واري آهن.
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ؛ انٽرويو دوران شاگردن (جيڪي، اي ليول يا انٽرميڊيئيٽ سندن سان (Certificates/Degrees) ليس ٿيل هئا)، تن صاف صاف ٻڌايو ته انهن کي نصاب کان هٽي ڪري يعني غير نصابي ڪتابن پڙهڻ جو ڪو به وقت نه مليو. ڇاڪاڻ جو، خاص طور تي انهن جا امتحان تمام ڏکيا هئا ۽ تمام سخت تياريءَ جي ضرورت هئي. ان کان علاوه انهن کي استادن يا والدين جي طرفان ڪلاس جي گهرجن کان علاوه ٻي شيءِ پڙهڻ يا مطالعي لاءِ نه همٿايو ويو. شاگردن جومطالعو صرف اسڪول ۽ ان کان پوءِ ٽيوشن سينٽرن لاءِ محدود ٿيل آهي. جتي اهي محنت ڪن ٿا ته جيئن سٺيون مارڪون حاصل ڪري سگهن ۽ پوءِ تمام چٽاڀيٽي واري امتحاني نظام (Highly Competitive Assessment System) ۾ مدد ملي سگهي.

سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن (منوج ڪمار)

  اهي هڪ نئين سنڌ جا نوجوان آهن. اهي نئين ريتن ۽ روايتن جا امين آهن ۽ هنن جو سندن پراڻين روايتن سا ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن کي نه ته شهرت جي بک آهي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي خواهش. اهي نه ته ڪنهن ايوارڊ جا متلاشي آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن معاوضي جي تمنا. نه کين اسٽيجن تي، ڪرسين تي ويهڻ جي آرزو آهي ۽ نه وري کين وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جي نه ڪا تنظيم آهي، نه ڪو وٽن اليڪشنون ٿين ۽ نه وري اهي عهدن تي هڪ ٻئي سان وڙهن. نه کين اها لالچ آهي ته کين ڪنهن اداري جو سربراهه بنايو ويندو ۽ نه ئي کين انهيءَ جو شوق ته کين ڪو ٽوئر تي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. انهيءَ نئين سنڌ جا اهي نوجوان انهن سڀني شين کان مٿانهان ٿي سنڌي ٻولي جي لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو اسان جا عالم، اديب، ماهر ۽ ٻولي جا گھڻگهرا اڃان نه ڪري سگھيا آهن.  پر انهن گمنام ڪارڪنن جو ذڪر توهان کي اخبارن، مئگزينن ۽ ڪتابن ۾ به ڪونه ملندو. اسان مان کين رڳو اهي سڃاڻن، جيڪي نئين دنيا جي بدليل ضرورتن ۽ نون رجحانن سان لاڳاپيل آهن. انهن نوجوانن جي ڪم جي رڳو انهن کي خبر آهي، جيڪي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان ڳنڍيل آهن، ۽ جيڪي انهيءَ ڳالهه کان واقف آهن ته ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ رڳو سندن ئي ڪيل ڪم هوندو، جيڪو سنڌي ٻولي کي جيئدان ڏيندو. اهي سنڌي ٻولي جي سڀاڻي جا امين آهن.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تاريخي پسمنظر (شبير ڪنڀار)

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرامالڪاتب۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جوڪَکُ پنڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن  جي جاءِ ڪمپيوٽرن  ورتي. ان کان اڳ اهو (ڇپائي جو) ڪم ڪمپازيٽر (شيهي جي ٽائپ فريم ۾ سيٽ ڪري پريس لاءِ مضمون تيار ڪندڙ) ڪندا هئا، جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ بي حد ٿڪائيندڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار عمل هو، جنهن ۾ شيهي (Lead) جي ٺهيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ حرف جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انهن کي هٿ سان سيٽ ڪري لفظ به لفظ جوڙي مضمون ترتيب ڏيندا هئا. مسلسل اهو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪمپازيٽر  اڪثر شيهي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڄڻ ته سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي هاڃيڪار پورهئي مان سندن جند آجي ڪرائي، نه رڳو اهو پر  ان سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي به آئي.

برهمڻ آباد شهداد پور


شهداد پور ضلعي سانگهڙ جي اڀرندي، اٺن ميلن جي مفاصلي تي، 25 ڊگريون 3 انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 49 انچ ڊگهائي ڦاڪ جي قطر تي، وسيع ڀرن جا ڀرون پسجن ٿا، جن کي ڳوٺاڻا ”ڀانبرا“ ۽ ”دلور“ سڏين ٿا، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ”بهمنه“ يا ”برهمڻ آباد“ مشهور آهي. مرحوم مرزا قليچ بيگ هن کي ”ڀانبرا“ مان ”ٻانڀاھ“ ڄاڻايو آهي، يعني ”ٻانڀڻ جو شهر“ يا برهمڻ آباد. چيو وڃي ٿو ته هي شهر بهمن بن اسفنديار جو ٻڌايل هو، ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳي پراڻي سنڌو ندي، هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي آباد ٿيو.


ڪتبخانا ۽ انهن جي اهميت


                                 ماهه رخ بلوچ

مقصد ۽ سڌارا:
ڪتبخانا علمي زندگيءَ جو اهم شعبو آهن. انهن جي ترقي ملڪي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڪنهن ملڪ جي ترقي جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتبخانا آهن.
جارج برنارڊ شاهه جي خيال ۾ ڪتاب تهذيب جي ترقي وٺرائڻ جو بهترين ذريعو آهن.
بقول ڊاڪٽر احسان رشيد جي ته جيستائين اسين پنهنجي ثقافت کي ترقي نه ڏينداسين، تيستائين ملڪي ترقي ناممڪن آهي، ۽ ثقافت جي ترقي جو  دارومدار ڪتابن تي آهي. جيڪي ڪتبخانن ۾ موجود آهن.
 هڪ معروف محقق ٿامسن بار ٿولين جو چوڻ آهي ته ، ”ڪتاب کانسواءِ خدا خاموش آهي“ يعني الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي رهبري ۽ رهنمائي جي لاءِ پنهنجو پيغام ڪتاب جي ذريعي ئي هن دنيا ۾  موڪليو ۽ اهي ڪتاب جن جي ايتري قدر اهميت آهي، جِتي به محفوظ  هوندا آهن، ڪتبخانو چورائيندا آهن. 

لائبريريون ويران ڇو آهن؟



گل حسن لاکو/سنڌ يونيورسٽي

ڪالهوڪي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ دوست جڙيو ٻٻر سکر کان ”سکر جون ويران لائبريريون“ بابت هڪ خط لکيو هو، دوست صرف سکر جي لائبريرين بابت لکيو هو پر سنڌ جي هر شهر جي لائبريريءَ سان اهڙو ويڌن آهي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته لائبريريون علم جي حاصلات لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ علم جي ترقيءَ جي ڪري ئي ڪا به قوم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي آهي، سنڌ ۾ لائبريريون تمام گهٽ آهن پر انهن ۾ به ڪافي مسئلا درپيش آهن، جيئن عمارت جو صحيح نه هئڻ، ان ۾ سهولتن جي گهٽتائي، ڪتابن جي کوٽ ۽ عملي جو نه هئڻ وغيره، پر هڪ اهم ڳالهه ته لائبريريءَ جا استعمال ڪندڙ به تمام گهٽ آهن، ان مسئلي جا ڪافي سبب آهن، هڪ ته معاشري ۾ ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت گهٽ آهي، جيئن اسان جو هڪ استاد مثال ڏيندو آهي ته، کاڌو کائڻ کان اڳ بک جو لڳڻ لازم هوندو آهي، جيڪڏهن بک نه هوندي ته کاڌو نه وڻندو آهي، ساڳي طرح جيڪڏهن

منهنجو شهر شهدادپور


سُهڻي ۽ ميهار جو شهر شهدادپور

سنڌ جي سانگھڙ ضلعي جي قديم ۽ تاريخي شهرن مان شهدادپور جو شهر پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هن شهر سان نوابشاهه، ٽنڊوآدم، سانگهڙ ۽ هالا شهرن جو حدون لڳن ٿيون. هيءُ شهر ٽالپر حڪمران مير شهداد خان ٽالپر جوڙايوهو. تعلقي جي حيثيت ۾ قائم شهدادپور جي آبهوا سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ گرم هوندي آهي. شهدادپور جو شهر چئن يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي درگاهه هن شهر کان 10 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.

سنڌي معلومات

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
1.       شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه 1689ع (1102هه) ۾ ڀئين پور ۾ ڄائو.
2.       شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي والد جو نالو حبيب شاهه﷥ هو.
3.       شاهه صاحب ﷥ 63 سالن جي عمر ۾ 1752ع (1165هه) ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري ۾ آهي. جتي هر سال 14 صفر تي ميلو لڳندو آهي.
4.       شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سان ٽي ڪتاب هميشه گڏ هوندا هئا. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
5.       شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سڄي سنڌ جو پيرين پيادو سفر ڪيو.