10 نومبر، 2014

ڪتب خانن جي باري ۾ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ: لياقت علي راهو



 ڪتبخانا (لائبريريون) اهڙيون مقدس جايون هوندا آهن جن ۾ وڏي پيماني تي قيمتي انفارميشن (چاهي اها ڪهڙي به فارميٽ ۾ هجي) ترتيب سان محفوظ هوندي آهي ته جيئن اها انهن ماڻهن تائين آساني سان پهچي سگهي، جن کي ان جي ضرورت آهي. ڪتبخانن ۾ ماڻهن کي معلومات تمام جلدي ۽ آساني سان مهيا ٿيندي آهي.