Ad 468 X 60

بلاگ وزٽ ڪــــــــــرڻ تي دل جــــي عميق گـــهـــــرائين ســــــان ڀلــــــيــــڪـــــــار

سنڌي ٻولي جو مستقبل ۽ انهيءَ جا خاموش ڪارڪن (منوج ڪمار)

  اهي هڪ نئين سنڌ جا نوجوان آهن. اهي نئين ريتن ۽ روايتن جا امين آهن ۽ هنن جو سندن پراڻين روايتن سا ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن کي نه ته شهرت جي بک آهي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي خواهش. اهي نه ته ڪنهن ايوارڊ جا متلاشي آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن معاوضي جي تمنا. نه کين اسٽيجن تي، ڪرسين تي ويهڻ جي آرزو آهي ۽ نه وري کين وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جي نه ڪا تنظيم آهي، نه ڪو وٽن اليڪشنون ٿين ۽ نه وري اهي عهدن تي هڪ ٻئي سان وڙهن. نه کين اها لالچ آهي ته کين ڪنهن اداري جو سربراهه بنايو ويندو ۽ نه ئي کين انهيءَ جو شوق ته کين ڪو ٽوئر تي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. انهيءَ نئين سنڌ جا اهي نوجوان انهن سڀني شين کان مٿانهان ٿي سنڌي ٻولي جي لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو اسان جا عالم، اديب، ماهر ۽ ٻولي جا گھڻگهرا اڃان نه ڪري سگھيا آهن.  پر انهن گمنام ڪارڪنن جو ذڪر توهان کي اخبارن، مئگزينن ۽ ڪتابن ۾ به ڪونه ملندو. اسان مان کين رڳو اهي سڃاڻن، جيڪي نئين دنيا جي بدليل ضرورتن ۽ نون رجحانن سان لاڳاپيل آهن. انهن نوجوانن جي ڪم جي رڳو انهن کي خبر آهي، جيڪي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا سان ڳنڍيل آهن، ۽ جيڪي انهيءَ ڳالهه کان واقف آهن ته ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ رڳو سندن ئي ڪيل ڪم هوندو، جيڪو سنڌي ٻولي کي جيئدان ڏيندو. اهي سنڌي ٻولي جي سڀاڻي جا امين آهن.

سنڌي ٻولي جي انهن خاموش ڪارڪن ۾ بدين جا ننڍڙا آفتاب ٽالپر ۽ اشفاق ٽالپر به آهن، جن جي ”وائس آف سنڌ“ جي نالي واري ويب سائيٽ تي سنڌي ادب، تاريخ ۽ سياست تي ايترا ته ڪتاب ڊجيٽل فارميٽ ۾ لکيل آهن، جيترا ٻولي ۽ ادب سان جڙيل ڪنهن به سرڪاري اداري جي ويب سائيٽ تي نه آهن. انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو استاد احسان عرساڻي به آهي، جنهن ڄاڻ ۽ علم جي حوالي سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ انٽرنيٽ انسائيڪلو پيڊيا، وڪي پيڊيا جو سنڌي ۾ اجراءُ ڪيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ معياري مواد مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. انهن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪارڪنن ۾ رابطي جي پل بڻيل علي حسن ملاح به آهي. انهن ۾ سنڌي ٻولي کي يونيڪوڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سافٽ ويئر ٺاهيندڙ لطيف ساگر شيخ به آهي ته عبدالرحيم نظاماڻي به. انهن ۾ ڊاڪٽر گل آغا، حبيب ساجد، اڪبر لاکو، عبدالعزيز مڱريو، عبدالطيف انصاري، غلام قادر ڄاموٽ، خليق جمالي، احمد سومرو به آهن، جيڪي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جا مختلف فورم جوڙي ۽ ويب سائيٽون يا بلاگ ٺاهي اڄ جي نوجوانن کي پنهنجي ٻولي سان جوڙي ويٺا آهن. هتي ٽنڊي باگي جو ڪرشن لوهاڻو به آهي، جنهن ڪمپيوٽر لاءِ سافٽ ويئر ۽ سنڌي-انگريزي ۽ انگريزي-سنڌي ڊڪشنريون نه فقط سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اتساهه آهن، پر جنهنجو دماغ نون نون خيالن سان ڀريل آهي. سنڌي ٻولي جي گمنام ڪارڪنن ۾ شبير پرين ڪنڀار، عبدالستار سمون، ثناءُ الله مڱڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، جن سنڌي ٻولي جي سونهن وڌائڻ لاءِ پنهنجي پيار جي پورهئي تحت سوين نوان ۽ خوبصورت فونٽ تخليق ڪيا آهن، انهيءَ  لسٽ ۾ شاهنواز سومرو، حبيب سنائي آهن، جن جي محنتن سان لطيف ۽ سچل جا رسالا ۽ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو انٽرنيٽ تي اچي سگهيو. اهڙا ٻيا به کوڙ سارا نوجوان آهن، جيڪي پنهنجي نوڪرين ۽ مصروفيتن جي باوجود پنهنجي ٻولي جي لاءِ وقت ڪڍيو سنڌي کي جديد ٻولين جي صف ۾ بيهارڻ جي عمل ۾ رڌل آهن. پر انهن سڀني نوجوانن کي سو آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي. جن جي جوڙيل ايم بي ڀرڳڙي پروگرام تحت اسان نه رڳو ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ لکي پڙهي سگهون ٿا، پر اسان سنڌي ٻولي جون ويب سائيٽون ٺاهي، بلاگ جوڙي، انٽرنيٽ چيٽ ڪري، پنهنجيون پريزنٽيشنس ڏئي ۽ ٻين سافٽ ويئرن  ۾ ڪم ڪري سگهون ٿا. ماجد ڀرڳڙي جي انهيءَ انقلاب جو پاڻ پهرين به هنن ڪالمن ۾ ذڪر ڪندا آيا آهيون ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر سان واسطو رکندڙ تقريبن سڀني دوستن کي سائين ڀرڳڙي جي سنڌي ٻولي تي ڪيل احسان جي خبر آهي. اڄ آئون پنهنجي ڪالم ۾ سندس هڪ ٻئي ڪم جو ذڪرڻ ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جي پوري ٿيڻ سان سنڌي ٻولي ۾ هڪ ٻيو انقلاب اچي ويندو.

ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ سڀني ماڻهن کي خبر آهي ته ڪمپيوٽر هلائڻ لاءِ هڪ آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت هوندي آهي. اسان وٽ عام طور ونڊو ايڪس پي يا نئون آيل ونڊو وسٽا يا ونڊوز سيوَن استعمال ٿيندا آهن، پر اهي آپريٽنگ سسٽم اهي ئي استعمال ڪري سگهندا آهن، جيڪي انگريزي کان واقف هجن، ڇاڪاڻ ته انهن کي هلائڻ وارو نظام انگريزي ٻولي ۾ هوندو آهي. اهي سسٽم ڇاڪاڻ ته پرائيويٽ ڪمپنين،  يعني مائڪرو سافٽ جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري اهي مهانگا به آهن، ۽ انهن ۾ اسان تبديليون به ڪري نٿا سگهون، پر ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انهن وڏن فرمن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ ڪمپيوٽر ماهر مفت آپريٽنگ سسٽم جوڙي رهيا آهن. اهي جيئن ته اوپن سورس جي تحت آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ڪير به پنهنجي ضرورتن تحت تبديليون ڪري سگهي ٿو. ماجد ڀرڳڙي هن وقت لينڪس (Linux) جي هڪ مشهور آپريٽنگ سسٽم ابنٽو (Ubuntu) جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ رڌل آهي، انهيءَ سسٽم جي ٺهڻ سان اهو ٿيندو ته انگريزي سان واقفيت نه هئڻ باوجود به هر ماڻهو ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهندو. انهيءَ سسٽم سافٽ ويئر جي سنڌي ۾ اچڻ سان روينيو ڊپارٽمينٽ جهڙن کاتن ۾ ڍل يا زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي سنڌي ۾ رڳو سنڌي پڙهيل به درج ڪري سگهندو. تپيدارن ۽ ٻين ننڍن اهلڪارن پاران سنڌي ۾ ورتل انگن اکرن کي سڌو سنئون ڪمپيوٽر ۾  رکي سگهبو، ۽ کين انهيءَ رڪارڊ کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. نه فقط روينيو، پر آبپاشي، پوليس، تعليم کاتو، عدالتن ۾ به سنڌي ۾ موجود رڪارڊ کي ڪمپيوٽر تي محفوظ ڪري سگھبو. نه رڳو ايترو پر ڦٽين جي ڪارخانن کان وٺي پيڊين ۽ ننڍڙن ڪاروبار ڪندڙ دڪاندارن کان وٺي زمينداري حساب کي به ڪمپيوٽر تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪنهن اضافي پورهئي يا مهارت جي ضرورت نه پوندي ۽ هر ماڻهو، جنهن کي صرف سنڌي ٻولي ايندي، سو به دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي سگهندو.

پر هڪ پوري آپريٽنگ سسٽم کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. انهيءَ ۾ سوين ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي ڪم کي ورهائي کڻن. سولي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن پنج ماڻهو ايڏو وڏو ڪم ڪندا ته کين پنج سال لڳندا، پر جيڪڏهن پنج س‍‍ئو ماڻهو هجن ته ساڳيو ڪم پنجن مهينن ۾ به ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪمپيوٽر جي شاگردن ۽ استادن کي گذارش آهي ته اهي انهيءَ ڪم ۾ ماجد ڀرڳڙي جو هٿ ونڊائين، انهيءَ سان نه رڳو کين پنهنجي ڪم جو تجربو ٿيندو، پر انهيءَ سان گڏ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ واري اعزاز سان به نوازبا. انهيءَ لاءِ توهان هن لنڪ تي وڃي ڪم لاءِ جوڙيل گروپ جو حصو ٿي سگهو ٿا. https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd

اسان کي اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ انهيءَ ڪري به کڻڻو پيو پوي جو اسان جي ادارن جو حال پورو سارو آهي. سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي، ڪنهن ٻئي اداري جي ڪا مڪمل ويب سائيٽ سنڌي ۾ ڪانهي. ايتري قدر جو سنڌي ٻولي کي بااختيار بنائڻ واري اداري جي سنڌي ويب سائيٽ به مڪمل طور تي سنڌي ۾ ڪانهي.

اسان جي ٻولي جي بي حسي جو توهان کي هڪڙو مثال ڏيان ته ٻه سنڌي، انگريزي ڊڪشنريون آن لائين آهن. آن لائين ڊڪشنري مان مراد ته اهي انٽرنيٽ تي موجود آهن ۽ انهن ۾ توهان ڪو لفظ سنڌي ۾ داخل ڪندئو ته انگريزي ۾ انهيءَ جي معنيٰ ملندي يا انگريزي لفظ جي سنڌي ۾ معنيٰ ملندي، پر ٻنهي ڊڪشنرين مان ڪا هڪڙي به سنڌ جي ڪنهن اداري يا يونيورسٽي طرفان نه جوڙي ويئي آهي. هڪڙي آمريڪا جي شڪاگو يونيورسٽي پاران جوڙي ويئي آهي، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر جينيفر ڪول ڪئي آهي. اها ڊڪشنري هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿي.

 http://dsal.uchicago.edu/dictionaries/mewaram

جڏهن ته ٻي ڊڪشنري لاهور جي هڪ پرائيوٽ يونيورسٽي پاران قائم ڪيل ڪمپيوٽر تي ادارو ٻولي جي واڌاري واري اداري پاران جوڙيل آهي، جنهن کي هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿو: www.crulp.org/sed

جيڪو ڪم اسان جي ٻولي جي اٿارٽي يا سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين کي ڪرڻ گهربو هو، اهو شڪاگو ۽ لاهور جا ادارا ڪري رهيا آهن.

سنڌي ڪمپيوٽنگ کي اڃان به اڳتي وٺي وڃڻو آهي، انهيءَ جي ٽڙيل پکڙيل ڪارڪنن کي هڪ هنڌ آڻڻو آهي. ڪم جي دهرائجڻ بجاءِ نئين ڪم تي توجهه ڏيڻي آهي. مستقبل جي ٽيڪنالاجين ۽ خاص طور تي موبائيل فون جي لاءِ سنڌي سافٽ ويئرن کي جوڙن تي توجهه ڏيڻي آهي. اسان اميد ڪنداسين ته حڪومت ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ جوڙيل ادارا ۽ سنڌ جون يونيورسٽيون ان ڏس ۾ به نظر ڪندا ۽ سنڌي ٻولي کي ايندڙ نسل جي گهرجن مطابق ترقي وٺرائيندا.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati