مطالعو هڪ عادت هوندي آهي ۽ هي عادت به ٻين عادتن جيان پاڻ ۾ باقائده وجهڻي پوندي آهي. اسان جيسيتائين ڪتاب کي پنهنجي روزمره جي مصروفيتن جو حصو نه ٿا بنايون ، تيسيتائين ڪتاب اسان جي عادت بڻجي نه سگهندا. يورپ جا ماڻهو ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان پهرين ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهندا آهن.
ڪتبخانا لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
ڪتبخانا لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
23 مارچ، 2015
10 نومبر، 2014
ڪتب خانن جي باري ۾ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ: لياقت علي راهو
ڪتبخانا (لائبريريون)
اهڙيون مقدس جايون هوندا آهن جن ۾ وڏي پيماني تي قيمتي انفارميشن (چاهي اها ڪهڙي
به فارميٽ ۾ هجي) ترتيب سان محفوظ هوندي آهي ته جيئن اها انهن ماڻهن تائين آساني
سان پهچي سگهي، جن کي ان جي ضرورت آهي. ڪتبخانن ۾ ماڻهن کي معلومات تمام جلدي ۽
آساني سان مهيا ٿيندي آهي.
13 جولائی، 2014
مطالعي جي عادت جو زوال ”هڪ مشاهدو“
ڊاڪٽر
شاهد صديقي
ترجمو:
عبدالخالق ميڻو
ماضي قريب ۾، يونيورسٽي جي داخلا ۽ مختلف مضمونن لاءِ استادن
جي چونڊ دوران، اميدوارن کان انٽرويو ڪندي منهنجي مشاهدي اهو نتيجو اخذ ڪيو ته
مطالعي /
پڙهائي واري عادت (Reading Habit) اسان جي سماج ۾ ختم ٿيڻ واري آهن.
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ؛ انٽرويو دوران شاگردن (جيڪي، اي
ليول يا انٽرميڊيئيٽ سندن سان (Certificates/Degrees) ليس ٿيل هئا)، تن صاف صاف ٻڌايو ته انهن کي نصاب کان
هٽي ڪري يعني غير نصابي ڪتابن پڙهڻ جو ڪو به وقت نه مليو.
4 جولائی، 2013
ڪتبخانا ۽ انهن جي اهميت
ماهه رخ بلوچ
مقصد ۽ سڌارا:
ڪتبخانا علمي زندگيءَ جو اهم شعبو آهن. انهن جي ترقي ملڪي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڪنهن ملڪ جي ترقي جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتبخانا آهن.
جارج برنارڊ شاهه جي خيال ۾ ڪتاب تهذيب جي ترقي وٺرائڻ جو بهترين ذريعو آهن.
لائبريريون ويران ڇو آهن؟
گل حسن لاکو/سنڌ يونيورسٽي
ڪالهوڪي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ دوست جڙيو ٻٻر سکر کان ”سکر جون ويران لائبريريون“ بابت هڪ خط لکيو هو، دوست صرف سکر جي لائبريرين بابت لکيو هو پر سنڌ جي هر شهر جي لائبريريءَ سان اهڙو ويڌن آهي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته لائبريريون علم جي حاصلات لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ علم جي ترقيءَ جي ڪري ئي ڪا به قوم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي آهي، سنڌ ۾ لائبريريون تمام گهٽ آهن پر انهن ۾ به ڪافي مسئلا درپيش آهن،