اهي هڪ نئين سنڌ جا نوجوان آهن. اهي نئين ريتن ۽ روايتن جا امين آهن ۽ هنن جو سندن پراڻين روايتن سا ڪوبه واسطو ڪونهي. انهن کي نه ته شهرت جي بک آهي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي خواهش. اهي نه ته ڪنهن ايوارڊ جا متلاشي آهن ۽ نه ئي کين ڪنهن معاوضي جي تمنا. نه کين اسٽيجن تي، ڪرسين تي ويهڻ جي آرزو آهي ۽ نه وري کين وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن جي نه ڪا تنظيم آهي، نه ڪو وٽن اليڪشنون ٿين ۽ نه وري اهي عهدن تي هڪ ٻئي سان وڙهن. نه کين اها لالچ آهي ته کين ڪنهن اداري جو سربراهه بنايو ويندو ۽ نه ئي کين انهيءَ جو شوق ته کين ڪو ٽوئر تي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.
سنڌي ڪمپيوٽنگ لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
سنڌي ڪمپيوٽنگ لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
15 اگست، 2013
10 جولائی، 2013
سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تاريخي پسمنظر (شبير ڪنڀار)
سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن
جي جاءِ ڪمپيوٽرن
ورتي.