10 نومبر، 2014

ڪتب خانن جي باري ۾ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ: لياقت علي راهو



 ڪتبخانا (لائبريريون) اهڙيون مقدس جايون هوندا آهن جن ۾ وڏي پيماني تي قيمتي انفارميشن (چاهي اها ڪهڙي به فارميٽ ۾ هجي) ترتيب سان محفوظ هوندي آهي ته جيئن اها انهن ماڻهن تائين آساني سان پهچي سگهي، جن کي ان جي ضرورت آهي. ڪتبخانن ۾ ماڻهن کي معلومات تمام جلدي ۽ آساني سان مهيا ٿيندي آهي.
اسان جي معاشري ۾ ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي ته انهن ڪتبخانن ۾ موجود مواد جي باري ۾ تمام گھٽ ماڻهن کي خبر آهي. ٻه ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي باري ۾ ماڻهن کي خبر هئڻ ضروري آهي.
·       اها خبر هجي ته ڪتبخاني ۾ ڪهڙو ڪهڙو مواد موجود آهي؟
·       ڪتب خاني کي ڪيئن استعمال ڪجي؟
ڪجهه مفيد ڳالهيون آهن جن سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
1.      اهڙا سيمينار منعقد ڪرايا وڃن جن ۾ ڪتب خاني جي باري ۾ ماڻهن کي ٻڌايو وڃي يا مختلف ڪتبخانن جا دورا ڪرايا وڃن.
2.      پمفليٽس جي ذريعي ماڻهن تائين معلومات پهچائجي.
3.      ڪتبخاني جي ويب سائٽ ٺاهي ان تي ٿيندڙ سرگرميون رکڻ.
4.      مختلف سرگرمين ذريعي ڪتبخانن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ.
لياقت علي راهو

روزاني سنڌ ايڪسپريس 10 نومبر 2014ع