3 جولائی، 2013

منهنجو شهر شهدادپور


سُهڻي ۽ ميهار جو شهر شهدادپور

سنڌ جي سانگھڙ ضلعي جي قديم ۽ تاريخي شهرن مان شهدادپور جو شهر پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. هن شهر سان نوابشاهه، ٽنڊوآدم، سانگهڙ ۽ هالا شهرن جو حدون لڳن ٿيون. هيءُ شهر ٽالپر حڪمران مير شهداد خان ٽالپر جوڙايوهو. تعلقي جي حيثيت ۾ قائم شهدادپور جي آبهوا سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ گرم هوندي آهي. شهدادپور جو شهر چئن يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي درگاهه هن شهر کان 10 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.

هن شهر ۾ خوبصورت دڪان، هوٽل، مارڪيٽ، پوليس اسٽيشن، مختيارڪار آفيس، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري، مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج، تعلقه اسپتال (شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل هيلٿ سائنسز)، لوڪل گورنمينٽ جو ادارو، ديني مدرسا، پبلڪ پارڪ، شاهه لطيف پبلڪ لائبريري، پريس ڪلب، بئنڪون ۽ ٻين مختلف خانگي ادارن جو آفيسون قائم ٿيل آهن. شهدادپور ۾ سانگھڙ روڊ تي سنڌ پوليس جو ٽريننگ ڪاليج قائم ٿيل آهي. جنهن ۾ سنڌ پوليس جا نوجوان سکيا وٺندا رهيا آهن.

شاهه سائين جي رسالي جي تاريخي ڪردارن سهڻي ميهار جون قبرون پڻ هتي موجود آهن. ميهار جي قبر شهر جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته سهڻي جي قبر شهر کان ٻاهر مائي سهڻي ڳوٺ ۾ آهي. شهدادپور شهر جي مشهور پاڙن ۾ جاني پوره، هرداس پوره، نوري آباد، سبزي منڊي، جٽيا ڳوٺ ۽ سوائي روڊ شامل آهن. هتي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد 35 سيڪڙو، اردو، پنجاپي ڳالهائيندڙن جو 60 سيڪڙو۽ ٻيون ڳالهائيندڙن جو تعداد 05 سيڪڙو آهي. هن شهر ۾ ٽالپر، خاصخيلي، نطاماڻي، وساڻ، عباسي، سومرا، پٺاڻ چانڊيا، دل، ساند، لاکا، ابڙا، ڏيٿا، سرهيا، مگسي، ميمڻ، چنا، لاشاري، رانگڙ، قريشي، سرهندي، جمالي ۽ بروهي. جڏهن ته اقليتي برادري ۾ ڪوهستاني واڻيا، لوهاڻا، ڀيل، ڪولهي، باگڙي، هريجن، مينگھواڙ ۽ سوٽهڙ شامل آهن.

هتي ٿيندڙ فصلن ۾ ڪپهه، مرچ، ڪمند، ڪڻڪ، ساريون ۽ ٻيون مختلف ڀاڄيون شامل آهن. هتي ووئنڻن جو فصل ڪافي تعداد ۾ پوکيو وڃي ٿو. شهر جي چئني پاسن کان ڪافي تعداد ۾ ڪاٽن فيڪٽريون پڻ قائم ٿيل آهن. شهدادپور ۾ سبزي منڊي پڻ سانگھڙ روڊ تي ٺهيل آهي، جتي تازيون ڀاڄيون ملڪ جي ٻين حصن ۾ موڪليون وڃن ٿيون. شهر جي آسپاس مشهور ڳوٺن ۾ باقر موري، ڪرم خان نظاماڻي، لانڍي، ڀڳڙو باغ، جٽيا ڳوٺ، هالا ناڪو، رڪن ٻرڙا، مائي سهڻي جو ڳوٺ، ۽ ٻيا شامل آهن.

شهدادپور شهر کان تقريبا 20 ڪلو ميٽر پري سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهي ”برهمڻ آباد“ (منصوره) پڻ موجود آهي. شهدادپور شهر قديم ڍوري ڀرسان قائم سهڻو شهر آهي. هن شهر جا روڊ ۽ گھٽيون اوهان کي ويڪريون نظر اينديون.

شهدادپور شهر ۾ بر صغير جي سڀ کان وڏي مڙهي ”سوائي صاحب“ سوائي روڊ تي قائم ٿيل آهي، جتي هندن جا روحاني بزرگ اچي حاضري ڀريندا آهن ۽ هر سال ”سئو جي رات“ جي نالي سان وڏو ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ سڄي سنڌ توڙي هند جا ڀڳت اچي راڳ ڳائيندا آهن. تنهن کانسواءِ شهر ۾ ”ڏاڏي انڊيگر صاحب“، ”جھولي لعل“ ۽ ”بابا گرو نانڪ“ صاحب جا مندر پڻ موجود آهن. ڀڳت ڏيارام هن شهر جو نوجوان ڀڳت آهي، هتي هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ قائم آهي.

سهڻي ۽ ميهار جي لافاني محبت جو شهر شهدادپور، دعا آهي ته اڃا به وڌيڪ خوشحال ٿئي. آمين.

(هي مضمون تيجورام سوٽهڙ جو لکيل آهي، جيڪو 29 مئي 2013 جي ڪاوش ميگزين ۾ شايع ٿيو)