4 جولائی، 2013

لائبريريون ويران ڇو آهن؟



گل حسن لاکو/سنڌ يونيورسٽي

ڪالهوڪي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ دوست جڙيو ٻٻر سکر کان ”سکر جون ويران لائبريريون“ بابت هڪ خط لکيو هو، دوست صرف سکر جي لائبريرين بابت لکيو هو پر سنڌ جي هر شهر جي لائبريريءَ سان اهڙو ويڌن آهي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته لائبريريون علم جي حاصلات لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ علم جي ترقيءَ جي ڪري ئي ڪا به قوم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي آهي، سنڌ ۾ لائبريريون تمام گهٽ آهن پر انهن ۾ به ڪافي مسئلا درپيش آهن،
جيئن عمارت جو صحيح نه هئڻ، ان ۾ سهولتن جي گهٽتائي، ڪتابن جي کوٽ ۽ عملي جو نه هئڻ وغيره، پر هڪ اهم ڳالهه ته لائبريريءَ جا استعمال ڪندڙ به تمام گهٽ آهن، ان مسئلي جا ڪافي سبب آهن، هڪ ته معاشري ۾ ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت گهٽ آهي، جيئن اسان جو هڪ استاد مثال ڏيندو آهي ته، کاڌو کائڻ کان اڳ بک جو لڳڻ لازم هوندو آهي، جيڪڏهن بک نه هوندي ته کاڌو نه وڻندو آهي، ساڳي طرح جيڪڏهن
اسان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي تَڙپ هوندي ته اسان ڪتاب پڙهڻ لائبريريءَ ۾ وينداسين، اڳئين زماني ۾ جن ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ جي تڙپ هوندي هئي، اهي وڻن جي هيٺيان ۽ زمين تي ويهي به پڙهندا هئا، ان لاءِ ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته اسين پنهنجي معاشري جي ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت وجهون، ان کانپوءِ لائبريريون آباد ٿي وينديون، ان لاءِ اهڙا سيمينار ۽ پروگرام به ڪرايا وڃن، جن ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ لائبريرين جي اهميت کي واضح ڪيو وڃي، ان لاءِ والدين کي به پنهنجي ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استاد پڻ شاگردن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪن، ان کان علاوه سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرڻ گهرجن.