10 جولائی، 2013

برهمڻ آباد شهداد پور


شهداد پور ضلعي سانگهڙ جي اڀرندي، اٺن ميلن جي مفاصلي تي، 25 ڊگريون 3 انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 49 انچ ڊگهائي ڦاڪ جي قطر تي، وسيع ڀرن جا ڀرون پسجن ٿا، جن کي ڳوٺاڻا ”ڀانبرا“ ۽ ”دلور“ سڏين ٿا، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ”بهمنه“ يا ”برهمڻ آباد“ مشهور آهي. مرحوم مرزا قليچ بيگ هن کي ”ڀانبرا“ مان ”ٻانڀاھ“ ڄاڻايو آهي، يعني ”ٻانڀڻ جو شهر“ يا برهمڻ آباد. چيو وڃي ٿو ته هي شهر بهمن بن اسفنديار جو ٻڌايل هو، ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳي پراڻي سنڌو ندي، هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي آباد ٿيو.


اڳ ۾ ذڪر ٿي آيو آهي ته هندو راجائن جي زماني ۾ برهمڻ آباد ستن وڏن قلعن مان هڪ هو، چچ جي راڄ اگھم لوهاڻو برهمڻ آباد جو حاڪم هو. اتي لاکا، سما ۽ سهتا اگھم جي هٿ هيٺ رهندا هئا. چچ اگھم سان وڙهي کيس شڪست ڏني. هن يڌ ۾ اگھم مارجي ويو. برهمڻ آباد تي چچ قبضو ڪيو ۽ اگھم جي زال سان شادي ڪيائين. راجا ڏاهر پنهنجيءَ ڀاءُ ڏهرسين کي اتي جو حاڪم مقرر ڪيو. ڏهرسين جي مرڻ بعد سندس پٽ کي اها حڪومت ملي. ڏاهر جي مرڻ ۽ غازي محمد بن قاسم جي ڪامرانيءَ بعد، راجا ڏاهر جي پٽ جئسين برهمڻ آباد ۾ اچي پناه ورتي. جڏهن محمد بن قاسم برهمڻ آباد ورتي ته جئسين ڀڄي ڪشمير طرف ويو. ڏاهر جي زال ۽ ٻيا مائٽ قلعي ۾ مقيم هئا، انهن عارضي طور مقابلو ڪيو. محمد بن قاسم اتي جي ماڻهن کي معافي ڏيئي، قلعو سندن حوالي ڪيو. ان بعد وري هندن هڪواري ان قلعي تي قبضو ڪيو، ۽ برهمڻ آباد ۾ اسلام بعد به هندو آبادي هئي. جڏهن سلطان آرام شاھ جي حڪومت ۾ سنڌ ۽ ملتان ناصر الدين قباچه جي هٿ ۾ هئا، تڏهن برهمڻ آباد ۾ جسوده آگره نالي هندو حاڪم راڄ ڪندو هو.

جڏهن محمد بن قاسم سن 93ھ : 711ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته برهمڻ آباد هڪ وڏو وسيل، هندن جو شهر هو، پر جڏهن مسلمان هتي آيا ته هي وڏو هندو شهر سنڌو نديءَ جي اڀرندي طرف وسيل هو. عربن بعد هي شهر ڦٽندو ويو، ڇو ته عربن هڪ نئون شهر ”منصوره“ نالي ٻڌايو.

هن ۾ به گھڻو ڪري اختلاف آهي ته آيا منصوره برهمڻ آباد جي اڍن تي ٻڏو يا ٿورو پر ڀرو پيدا ٿيو. اِن لاءِ ڌار ڌار روايتون آهن. رشيد الدين، ابو ريحان البيرونيءَ جو حوالو ڏيندي، ڄاڻائي ٿو ته جڏهن محمد بن قاسم برهمڻ آباد فتح ڪئي ته ان ”بهمنو“ کي زير ڪري، ان تي منصوره نالو رکيو. ٻين منصوره کي ڌار مقام ڏيکاريو آهي.

مورخن برهمڻ آباد جو ناس ٿيڻ راجا دلوراءِ جي ظلم ۽ سندس ڀاءُ (ڪن ڪتابن موجب سؤٽ) جي بددعا ڏانهن منسوب ڪيو آهي. الور جي ناس ٿيڻ بعد راجا دلوراءِ وري اچي برهمڻ آباد ۾ واسو ڪيو، ۽ ساڳيون انسانيت سوز شيطاني حرڪتون جاري رکيائين. سندس ڀاءُ ڇُٽو پير عمراڻي ( جنهن جي مرقد سيوهڻ جي مقام ۾ آهي)، مسلمان ٿيو ۽ هڪ عرب سکر عورت سان شادي ڪيائين. هو پنهنجي گهرواري وٺي برهمڻ آباد آيو. دلوراءِ ڪڌن ڪرتوتن جو عادي هو، چاهيائين ته پنهنجي ڀاڄائي ڏسان. حضرت ڇٽي پير جي غير حاضري ۾ هي ظالم، هاٿيءَ تي چڙهي، هن جي گهر وٽان اچي لنگهيو. بيبي صاحبه ان وقت غسل ڪري رهي هئي. خير، اهو قصو بيبيءَ پنهنجي ور کي سڻايو. بارگاھ ايزديءَ ۾ ظالم جي فنا جي دعا گهري ويئي. ٻن ـــ ٽن راتين بعد زلزلو ٿيو. حضرت عمراڻيءَ ماڻهن کي چتاءُ ڪيو. جن کي ٻاهر نڪرڻو هو سي نڪتا، باقي دلوراءِ سان گڏ دٻجي ويا. ڇٽو پير صاحب لڏي اچي سيوستان ۾ ويٺو.

برهمڻ آباد جو ويرانو اٽڪل 4 ميلن ۾ پٿاريل آهي. سڄي جاءِ ٺڪرين سان ڀري پيئي آهي. انهن مان ڪي ڀِرا 15 فوٽ کن اوچا آهن، جي شايد مارڪيٽ چونڪ هوندا هئا. پٿر استعمال ٿيل نه آهي، پر ڪاٺ جا بوسيده نشان مطلع ڪن ٿا ته اڳي جايون ڪاٺ ڳڙھ جڙنديون هيون. هن هنڌ مان معلوم ڪجي ٿو ته هن ٽڪر ۾ آبادي 6 سؤ سالن لاءِ رهي آهي.

برهمڻ آباد جي فنا الور بعد ٿي آهي. بنده کي ڇٽي پير عمراڻيءَ جي متولين مان هڪ پتل جي سيل ملي، جنهن ۾ ڇٽي پير جو سن وفات 250ھ : 864ع ڏيکاريل آهي. جيڪڏهن ڇٽيءَ پير جو تعلق برهمڻ آباد جي فنا ڏانهن منسوب ڪجي، ته 250ھ ڌاري برهمڻ آباد جو زوال ٿيو هوندو ـــــــــــ والله اعلم بالصواب.