Ad 468 X 60

بلاگ وزٽ ڪــــــــــرڻ تي دل جــــي عميق گـــهـــــرائين ســــــان ڀلــــــيــــڪـــــــار

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تاريخي پسمنظر (شبير ڪنڀار)

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرامالڪاتب۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جوڪَکُ پنڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن  جي جاءِ ڪمپيوٽرن  ورتي. ان کان اڳ اهو (ڇپائي جو) ڪم ڪمپازيٽر (شيهي جي ٽائپ فريم ۾ سيٽ ڪري پريس لاءِ مضمون تيار ڪندڙ) ڪندا هئا، جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ بي حد ٿڪائيندڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار عمل هو، جنهن ۾ شيهي (Lead) جي ٺهيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ حرف جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انهن کي هٿ سان سيٽ ڪري لفظ به لفظ جوڙي مضمون ترتيب ڏيندا هئا. مسلسل اهو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪمپازيٽر  اڪثر شيهي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڄڻ ته سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي هاڃيڪار پورهئي مان سندن جند آجي ڪرائي، نه رڳو اهو پر  ان سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي به آئي.

              محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جي سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ جو ئي نتيجو آهي، جو پاڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪا ڊگري نه هوندي، نه وري ڪنهن مالي امداد جي، فقط ذاتي وسائل ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر وسائل باوجود به نه ڪري سگھيا. پنهنجي لڳاتار محنت سان مارچ 1988 تائين پاڻ عملي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ مڪمل سرشتو جوڙي ورتائون، جنهن سان ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو استعمال اوتري ئي سولائي سان ممڪن بڻيو جهڙو عربي، فارسي ۽ اردو وغيره لاءِ ان کان اڳ ۾ هو. هتي اهو ڄاڻڻ بي حد ضروري آهي ته ايم بي سنڌي ان پيج کان پوءِ نه بلڪه گھڻو اڳ جي ايجاد آهي.

پنهنجي اهڙي اَملهه ايجاد تي ڳالهائيندي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي چوي ٿو ته منهنجي ان پورهئي ۾ دوستن، محبوبن، وڏڙن ۽ بزرگن جون دعائون ۽ محبتون ته ضرور شامل هيون،  پر ايم بي سنڌي ۾ دوستن جي ماهرانه يا غيرماهرانه صلاحيتن جو ڪو عمل دخل ڪونه هو ۽ اهو سمورو پورهيو مون اڪيلي سِر پنهنجي ٻوليءَ جو فرض سمجھندي پاڻ ڪيو آهي.

جولائي 1988ع ۾، ايپل ڪمپنيءَ جي ڊسٽريبيوٽر طرفان هاڻوڪي ميريٽ هوٽل ۾، جيڪو تڏهن هاليڊي ان سڏبو هو، هڪ تقريب منعقد ڪري سندس (محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي) ان تاريخي ڪم کي عوام ۽ خواص آڏو متعارف ڪرايو. جنهنجي صدارت مرحوم علي احمد بروهي صاحب ڪئي ۽ اهڙي طرح سان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باقاعده شروعات ٿي.

 يادگيريون ونڊيندي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي ٻڌايو ته تقريب کان پوءِ رفريشمينٽ دؤران مرحوم علي احمد بروهي صاحب کيس کِلندي کِلندي چيو: ”ڀرڳڙي، جيڪڏهن تون اهو ڪم بنگالي ٻوليءَ لاءِ ڪرين ها ته بنگالي تنهنجا مُجسما ٺاهي، شهرن ۾ لڳائن ها. پر تو اِهو ڪم سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيو آهي، فڪر نه ڪر، جلد ڪو تنهنجي ٽنگ مان جھلي، هيٺ گِهلي لاهيندُءِ.“

پوءِ هلال پاڪستان وارن اخبار جي جُزوي ٽائپسيٽنگ ڪمپيوٽر وسيلي شروع ڪئي، پر عوامي آواز پهرين اخبار هئي جنهن ڪمپوزنگ جو سڄو ڪم هن (سنڌي) سرشتي کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر وسيلي ڪرڻ شروع ڪيو. اهو استعمال ۾ ايترو ته آسان هو جو انگريزي ٽائپنگ ڄاڻيندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ رواني سان سنڌيءَ ۾ (ڪمپيوٽر تي) ٽائپنگ ڪرڻ سکي پئي ويا. بعد ۾ ڪاوش، آفتاب ۽ ٻين سنڌي اخبارن به ان سرشتي کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي سڀ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر وسيلي ڇپجڻ لڳا. 1990ع واري ڏهاڪي تائين سنڌي ڪمپيوٽنگ جو وڌ ۾ وڌ استعمال اشاعتي ۽ اخباري ادارا ئي ڪندا رهيا ۽ عام ماڻهن کي ان جي باري ۾ اڃا گھڻي ڄاڻ ڪانه هئي.

 اگتي هلي جڏهن ڪمپيوٽر ادارن ۽ آفيسن مان ٿيندو عام ماڻهن جي دسترس ۾ آيو ۽ انٽرنيٽ ۽ ورلڊوائيڊ ويب عام ٿيڻ لڳا، تڏهن ماڻهن لاءِ ڪمپيوٽر باهمي رابطي توڙي فائلن جي ڏي وٺ جو ذريعو بڻيو ۽ تڏهن ئي پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت  شدت سان فردن فردن محسوس ٿيڻ لڳي.

حقيقت ۾ ڪمپيوٽر تي ڪنهن به ٻوليءَ جي استعمال لاءِ ان ٻوليءَ لاءِ هڪ ڪوڊ پيج گھربل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني حرفن (اکرن) ۽ علامتن (نشانين) وغيره کي هڪ عددي ڪوڊ پوائنٽ ڏني ويندي آهي ته جيئن ڪمپيوٽر، جيڪو عددي حساب جي آڌار تي ڪم ڪندو آهي، سو ان ڪوڊ پوائنٽ وسيلي ان ٻوليءَ جي حرفن (اکرن) ۽ علامتن (نشانين) وغيره جي سڃاڻپ ڪري سگھي. هر ٻوليءَ جا ادارا پنهنجي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي ترويج لاءِ هڪ معياري ڪوڊ پيج جوڙي ان کي ڪمپيوٽر سان وابسته بين الاَقوامي ادارن کان منظور ڪرائي وٽن رجسٽر ڪرائيندا آهن. انهيءَ بنيادي ڪم کان پوءِ ئي ان ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال جا امڪان پيدا ٿيندا آهن. بدقسمتي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنهن به حڪومتي اداري يا درسگاه وغيره ڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪانه ورتي. جنهن صورت ۾ ٻوليءَ جو ڪم لنگوئسٽ يا ماهر لسانيات جو آهي جيڪي ٻوليءَ جي فني تقاضائن کي ڀليءَ ڀَت ڄاڻن ٿا، پر رابطي جي کوٽ توڙي عدم دلچسپيءَ جي ڪري سڀئي ڪم هن (محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب) پاڻ سر انجام ڏنا. عين ممڪن آهي ته لسانيات جي حوالي سان ان ۾ ڪي پيچيدگيون رهيل هجن، جن جي اڀياس جي پڻ ضرورت آهي، اهو هڪ جدا موضوع آهي جيڪو هتي مطلوب ڪونهي.

محترم عبدالماجد ڀرڳڙي ٻڌائي ٿو ته تڏهن معياري سنڌي ڪوڊ پيج نه هئڻ ڪري، سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ جو واحد طريقو اهو وڃي رهيو هو ته عربي فارسي ڪوڊپيج کي، هڪ قسم جي جُڳاڙ يعني Hack ذريعي، سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو وڃي ۽ اهوئي طريقو مون پڻ استعمال ڪيو. جيئن ته ان قسم جو جُڳاڙ لامحاله ڪنهن معيار يعني Standard تي ٻڌل نه هوندو آهي، تنهنڪري ان ذريعي ڪتاب، رسالا وغيره ٽائپسيٽ ڪرڻ ته ممڪن هو پر اُسرندڙ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٻولي جي بين الاقوامي سطح تي ڪمپيوٽر ۽ انٽرينٽ تي ترويج، ويب پيج جوڙڻ، اي ميل ۽ چيٽنگ وسيلي هڪ ٻئي سان رابطو وغيره وقت جون اهڙيون اهم ۽ اڻٽر ضرورتون هيون جن جو پورائو معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ کانسواءِ ممڪن ڪونه هو. پوءِ خوشقسمتي سان هڪ يونيورسل ڪوڊ پيج ترتيب ڏنو ويو هو ته جيئن دنيا جي سڀني ٻولين جو ڪمپپيوٽر تي استعمال ٿي سگھي ۽ انهن ۾ سنڌي به شامل هئي. ان سان ڪوڊ پيج جو مسئلو ته حل ٿي ويو جيڪا بنيادي گھرج هئي، پر ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ لاءِ اڃا ٻيا گھڻا مرحلا طئي ڪرڻا هئا. ان لاءِ بين الاقوامي معيار مطابق فانٽ (Font) ۽ ٽائپفيس(Typeface) جوڙڻ، ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم ۾ ٻولي جي پروسيسنگ لاءِ سپورٽ هجڻ، ڪمپيوٽر تي لکڻ لاءِ ڪيبورڊ اينٽري سرشتو ۽ ان کي سسٽم ۾ نصب ڪرڻ وغيره اهڙا ناگزير عملي مرحلا هئا جن کان سواءِ ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي عملي طرح استعمال ممڪن نه هو.

محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ٻڌائي ٿو ته سن 2000ع ۾ تقريبًا ڇهن مهينن جي لڳاتار محنت کانپوءِ جڳ مشهور ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (ونڊوز) ٺاهيندڙ ڪمپني مائڪروسافٽ جي متعلقه شعبي جي سربراه پال نيلسن سان روبرو ميٽنگن، توڙي ساڻن سوين اي ميلز جي ڏي وٺ بعد، آئون مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ان جي استعمال کي ممڪن بڻايم ۽ سنڌيءَ کي سهڻا ۽ معياري فونٽ ڊزائن ڪيم، ته جيئن ٻوليءَ جي لکت کي جيترو ممڪن هجي خوبصورت بڻائي سگھجي.

فونٽ ڊزائن جي ڪم کي جيتوڻيڪ ڪافي دوستن اڳتي وڌايو آهي، جنهن جي ڪري هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ معياري فونٽس جو تعداد 100 کان وڌي ويو آهي. جن ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي خوبصورت بڻايو آهي.

پشتو ۽ اردو جو ڪمپيوٽر تي استعمال به سنڌيءَ سان گڏ ئي شروع ٿيو هو پر فرق اهو هو ته جتي ڪمپيوٽر جي لاءِ پشتو ۽ اردو جا پيڪيج سون ڊالرن ۾ وڪامجي رهيا هئا، اُتي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب سنڌي لاءِ ساڳئي قسم جو سافٽويئر، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ويبسائيٽ www.bhurgri.com تان مفت ورهائي (ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ آڇي) رهيو هو.

اهڙي طرح سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان 21 هين صدي جي ابتدا ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي اهليت آساني سان شامل ڪري، تقريبًا هر اهو ڪم ڪري ٿي سگھيا، جيڪو ان کان اڳ ۾ صرف انگريزي ۽ ٻين ترقي يافته ٻولين ۾ ممڪن هو.

MB SINDHI اهو حل آهي جنهن ذريعي ڪنهن به ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (ونڊوز، ميڪنٽوش ۽ لِنڪس) ۾ سنڌي جي استعمال کي ممڪن بڻائجي ٿو، جنهن بعد انهن سڀني پروگرامن منجھه جيڪي يونيڪوڊ جي آڌار تي عربي رسم الخط  کي سپورٽ ڪن ٿا تن سڀني کي سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. Microsoft Office جي ورڊ ۽ ٻين پروگرامن کان علاوه سوين ٻيا پروگرام به آهن جيڪي يونيڪوڊ عربي رسم الخط کي سپورٽ ڪن ٿا. هي (MB SINDHI) رڳو Microsoft Office Word تائين محدود نه آهي، بلڪه پوري ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي جي استعمال کي ممڪن بڻائي ٿو، جنهن سان اڄ سنڌيءَ ۾ اي ميلز ، چيٽنگ، ويب پيج، فيس بوڪ تي پوسٽ وغيره ممڪن بڻيا آهن. MB SINDHI مڪمل ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سنڌيءَ لاءِ قابل استعمال بڻائي ٿو. پڌرو هجي ته هي (MB SINDHI) ڪو ورڊ پروسيسنگ يا ڪمپوزنگ جو سافٽ ويئر يا پروگرام ڪونهي، پر اهو هڪ همه گير حل آهي جنهن ذريعي هر قسم جا پروگرام سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ ڪمپوزنگ جا اعلىٰ پروگرام مائڪروسافٽ ورڊ، پبلشر، اڊوبي ان ڊيزائن، اوپن آفس جو رائٽر وغيره به اچي وڃن ٿا.

حقيقت اِها آهي ته MB SINDHI ذريعي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب بنيادي طرح ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا جا دروازا سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ کولي ڇڏيا آهن. هاڻي اسان پنهنجا سنڌي ٻوليءَ سان وابسط ڪم ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي استعمال سان به آساني برق رفتاريءَ سان ڪري سگھون ٿا

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati