23 مارچ، 2015

ڪتاب پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جي عادت پيدا ڪرڻ جي ضرورت

مطالعو هڪ عادت هوندي آهي ۽ هي عادت به ٻين عادتن جيان پاڻ ۾ باقائده وجهڻي پوندي آهي. اسان جيسيتائين ڪتاب کي پنهنجي روزمره جي مصروفيتن جو حصو نه ٿا بنايون ، تيسيتائين ڪتاب اسان جي عادت بڻجي نه سگهندا. يورپ جا ماڻهو ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان پهرين ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهندا آهن.
هو ٻارڙن کي ٻين سير وتفريح جي جاين تي گھمائڻ سان گڏوگڏ ڪتاب وڪرو ڪندڙ دڪانن ۽ ڪتابي ميلن تي پڻ وٺي ويندا آهن. کين ڪتب خانن ۾ وٺي ويندا آهن. اُتان ڪتاب حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار سمجهائيندا آهن. پنهنجي ٻارڙن کي گهران نڪرندي وقت ڪتاب گڏ کڻڻ جي عادت وجهندا آهن. توهان اگر ڪڏهن يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃو ته توهان کي ماڻهو ريل گاڏين، بسن، بس اسٽاپن ۽ پارڪن ۾ پڙهندي نظر ايندا. توهان کي هر شخص جي هٿن ۾ اخبار يا ڪتاب نظر ايندو. کيس جتي به جاءِ ملي، اُتي ويهي پڙهڻ شروع ڪندو. هڪ رپورٽ مطابق يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪتابن جو پهريون ڇاپو ڏهه ڏهه لک هوندو آهي. بعد ۾ اُنهن جي اشاعت ڪروڙن تائين پهچندي آهي اسان مان هر اُن ماڻهو کي مهيني ۾ ٽي ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجن جيڪو پرائمري پڙهيل آهي. جيڪو انگ ۽ اکر پڙهي سگهي ٿو.
انگريزي جي شد مد کان واقف ماڻهوءَ کي به ٻين ٻولين سان گڏو گڏ انگريزي ٻوليءَ ۾ به ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته جهڙيءَ طرح اسان هر هفتي يا هر مهيني گهر جو سودو وٺندا آهيون اهڙي طرح ڪتابن جي دڪانن تي به وڃي ڪتاب خريد ڪيون. اسان بازار مان جوتا خريد ڪندا آهيون ته اُنهن کي فقط توهان پاڻ استعمال ڪري سگهندا آهيون پر خريد ڪيل ڪتاب هر ڪو پڙهي سگهندو. اسان جا ڪپڙا ۽ جُوتا پراڻا ٿي ويندا پر ڪتاب ڪڏهن به پراڻو نه ٿيندو. ڪتاب تمام عمر جا ساٿي آهن.
اسان کي گهرن ۽ دفترن ۾ ننڍا ننڍا ڪتب خانا به قائم ڪرڻ گهرجن. اگر گهر ۾ ڪو الڳ ڪمرو ناهي ته ڪنهن ڪمري جي دريءَ تي ڪتاب رکي اُن کي به ننڍڙي لائبرري بڻائي سگهجي ٿو. ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ميز ۽ ڪُرسي رکي اُن جاءِ کي به لائبرري ڊڪليئر ڪري سگهجي ٿو.


گل حسن لاکو شهدادپور
This Letter was published in Daily Sindh Express, Date 23 March 2015