13 جولائی، 2014

مطالعي جي عادت جو زوال ”هڪ مشاهدو“



ڊاڪٽر شاهد صديقي
ترجمو: عبدالخالق ميڻو
ماضي قريب ۾، يونيورسٽي جي داخلا ۽ مختلف مضمونن لاءِ استادن جي چونڊ دوران، اميدوارن کان انٽرويو ڪندي منهنجي مشاهدي اهو نتيجو اخذ ڪيو ته مطالعي / پڙهائي واري عادت (Reading Habit) اسان جي سماج ۾ ختم ٿيڻ واري آهن.
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ؛ انٽرويو دوران شاگردن (جيڪي، اي ليول يا انٽرميڊيئيٽ سندن سان (Certificates/Degrees) ليس ٿيل هئا)، تن صاف صاف ٻڌايو ته انهن کي نصاب کان هٽي ڪري يعني غير نصابي ڪتابن پڙهڻ جو ڪو به وقت نه مليو.
ڇاڪاڻ جو، خاص طور تي انهن جا امتحان تمام ڏکيا هئا ۽ تمام سخت تياريءَ جي ضرورت هئي. ان کان علاوه انهن کي استادن يا والدين جي طرفان ڪلاس جي گهرجن کان علاوه ٻي شيءِ پڙهڻ يا مطالعي لاءِ نه همٿايو ويو. شاگردن جومطالعو صرف اسڪول ۽ ان کان پوءِ ٽيوشن سينٽرن لاءِ محدود ٿيل آهي. جتي اهي محنت ڪن ٿا ته جيئن سٺيون مارڪون حاصل ڪري سگهن ۽ پوءِ تمام چٽاڀيٽي واري امتحاني نظام (Highly Competitive Assessment System) ۾ مدد ملي سگهي.
وقت، جيڪو مطالعي کي ڏئي سگهجي ٿو، سو تمام دلڪش سرگرمين جهڙوڪ: ٽي وي ڏسڻ، فلمون، وڊيو گيمون، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ وغيره جي ڪري تمام محدود ٿي ويو آهي. انهن ۾ انٽرنيٽ سرفهرست آهي. جيڪا اسان جي نوجوانن جو وقت، چيٽنگ ۽ فضول سرفنگ ۾ اجايو ضايع ڪري ڇڏي ٿي. آءِ پاڊس(iPods)  ۽ موبائيل فونن جو استعمال، گهر توڙي تعليمي ادارن ۾ وڌي رهيو آهي. تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي وڏي تعداد کي فارغ وقت ۾ ڪنن ۾ ايئر فون تي موسيقي ٻڌندي ڏسي سگهجي ٿو. اهڙن سرگرمين جي ڪري، اها هڪ حقيقت آهي ته ڪتبخانا اڪثر ويران ٿي ويا آهن يا وري ڪن ٻين ادارن جي قبضي هيٺ اچي ويا آهن. وڏن شهرن جي پوش علائقن ۾ ننڍا ڪتبخانا هوندا هئا. اهي اڪثر ڪتبخانا يا ته غائب ٿي ويا آهن يا وري انٽرنيٽ ڪيفي ۾ تبديل ٿي ويا آهن.
منهنجو مشاهدو، نوجوانن کي انگريزي ادب ۽ ٻولي جي سکيا جي لاءِ، استادن جي چونڊ واري انٽرويو دوران، وڌيڪ مايوس ڪندڙ هيو جو ڪيترن ئي اميدوارن پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪتابن جو نالو به نه ٻڌائي سگهيا. ڪن ته ايسيتائين جو، نصاب ۾ شامل ناول به نه پڙهيا هئا. ڪتاب جي اصل متن پڙهڻ بغير، مددگار ڪتابن جهڙوڪ: ”گائيڊس“ ۽ ”حل ٿيل پيپر“، ايم اي انگلش يا وري ڪنهن ٻي ٻولي ۾ پاس ڪرڻ سولو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪجهه شاگردن اهو ٻڌايو ته انهن ڪتابن کي پڙهڻ لاءِ سندن ڪو خاص وقت نه هيو. ڇاڪاڻ جو اهي خانگي ادارن ۾ گهڻي وقت تائين نوڪري  (Duty)ڪندا آهن. ڪي ته وري مليل جليل / گاڏڙ قسم جي پڻ نوڪري ڪندا آهن.
مطالعو ڪرڻ اسان لاءِ ڇو ضروري آهي؟ اهو اسان لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟ جي ها! مطالعي کي گهڻ رخي اهميت حاصل آهي. هڪ ته خوشي، راحت، تفريح وغيره ۽ ٻيو ته معلومات، علم، فهم، عقل، پروڙ، کوجنا وغيره. مطالعي جو ظاهر ظهور مقصد اهو آهي ته ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ مختلف قسمن جي موضوعن کان باخبر ڪرڻ. مطالعي کي معلومات، علم، فهم، عقل، پروڙ، کوجنا وغيره سان سڌي سنئين نسبت آهي. مطالعي ۾ تحقيق موجود آهي.
مطالعي جون عام لکڻيون جهڙوڪ؛ نصابي ڪتاب، رسالا، اخبارون وغيره نسبتاً آسان آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي ڄاڻ، مطلب، مفهوم وغيره مٿاڇري سطح تي حاصل ڪري سگهجي ٿو. پر ادبي لکڻين جي معنى ڪڍڻ تمام ڏکيو آهي، جتي ڄاڻ، مطلب، مفهوم وغيره سٽن اندر سمايل هوندو آهي ۽ ڪڏهن ته وري ان کان به اڳتي هوندو آهي جيسيتائين ان جي مطلب جي کوجنا نه ڪئي وڃي. کوجنا جو اهو عمل تنقيد ۽ سوچ جي اوسر ۾ مدد ڪري ٿو، جيڪو سماج جي ترقي لاءِ تمام ضروري آهي. مطالعو هڪ چستيءَ واري  قابليت(Skill)  آهي. پر اها قابليت مڪمل عمل يعني مشق سان(Practice)  وڌندي آهي. ڪامل مطالعي وارو، ٿيڻ لاءِ گهڻي کان گهڻي مطالعي يا پڙهڻ جي ضرورت هوندي آهي.
مطالعي جي عادتن کي منفي گڻ واري انداز ۾ ڪنهن متاثر ڪيو آهي؟ اها آهي مصروف ترين رهڻي ڪهڻي(Hectic Lifestyle) ، جنهن ۾ مطالعي لاءِ محدود موقعا آهن. يقيناً، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ هڪ تحرڪ اچي ويو آهي ۽ اسين پنهنجي ذميدارين ۽ وندر، ورونهن، تفريح وغيره جهڙوڪ ٽي وي، فلمون، انٽرنيٽ، وڊيو گيم وغيره ۾ ٽڙيل پکڙيل آهيون. پر مغربي سماجن جو ڪهڙو نه حال آهي! جتي مطالعي واري عادت مظبوط ۽ سگهاري آهي. ايسيتائين جو انهن جو رهڻي ڪهڻي پڻ مصروف ترين آهي. رواجي طور، مغربي ملڪن جي ادبي سماج  (Literary-Based Society) جي ڀيٽ ۾ اسين قوت گويائي واري سماج   (Oracy-Based Society)جا ماڻهو آهيون، پر پاڪستان ۾ گذريل 30 سالن کان مطالعي واري عادتن ۾ تمام گهڻي ڪمي / لاٿ جو مشاهدو ڪيو ويو آهي. ان زوال جو مکيه عامل(Factor)  اسان جو تعليمي نظام ۽ سکيائي عمل آهي، خاص طور تي پرائمري سطح. ڪنهن دور ۾ اسڪولي ڪتبخانن کي ڪتابن جو تمام گهڻو ذخيرو هوندو هيو، جيڪو شاگردن کي پڙهڻ لاءِ ڏنو ويندو هيو.
مطالعي واريون عادتون شروعاتي عمر ۾ پيدا ڪيون وينديون آهن. خانداني ماحول، ڪتابن لاءِ پيار پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. گهر ۾ ڪتابن سان گڏ هجڻ، ٻارن کي شروعاتي عمر ۾ ڇپائي واري دنيا سان هڪ ڳانڍاپو پيش ڪري ٿو. والدين جي مطالعي واريون عادتون ۽ مطالعي جي همٿائڻ واري مدد، ٻارن ۾ مطالعي واري سگهه / قابليت کي اتساهن ٿا. ان سلسلي ۾ ساڳي ريت، استاد تي به گهڻو ڪجهه دارو مدار آهي، جيڪو ان موضوع کي تمام گهڻو دلچسپ بڻائي ٿو. استادُ؛ شاگردن کي مطالعي واري سرگرمين ۾ مصروف ڪري سگهي ٿو ۽ اهو عمل شاگردن کي گهڻي مطالعي لاءِ شوق ڏياري سگهي ٿو. شاگردن کي رڳو نصابي مطالعي تي زور ڀرڻ سان مطالعي واري عادت کي مظبوط نه ٿو ڪري سگهجي پرانهن کي ضرور اهو اتساهه ڏيڻ گهرجي ته اهڙن ڪتابن به مطالعو ڪن جيڪي ضرورتًا نصاب ۾ شامل نه آهن.
وسيع، پائيدار، ڏور رس ۽ جٽادار مطالعي جو پهلو بلڪل غائب ٿي ويو آهي يا وري ان لاءِ اسان جي پرائمري اسڪولن ۾ شاگردن تي زور نه ٿو ڀريو وڃي. پرائمري اسڪولن ۾ استاد، شاگردن کي اهو ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ تمام سٺو ڪردار اداڪري سگهي ٿو ته مطالعو ڪيترو اهم آهي ۽ اهو سمجائڻ ته مطالعي جي لاءِ پيار ڪيترو فائديمند آهي. اهو نه رڳو انهن کي مطالعي لاءِ ڪتاب  ڏنا وڃن ۽ انهن مان شاگردن کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ چيو وڃي. مطلب ته، شاگردن کي مطالعي لاءِ ڪتاب کڻائڻ، استاد جي پنهنجي مطالعي واري تجربي تي دارو مدار رکي ٿو.  
جڳ مشهور مطالعي جو ماهر ”ڪرسٽين نٽل“، اها صلاح ڏئي ٿو ته، ”مطالعو هڪ وچڙندڙ بيماري آهي جيڪا وچڙي به ٿي ۽ نه به وچڙي ٿي“ جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ ڪيئن اسان جا شاگرد ان بيماري (مطالعي جي) ۾ وچڙندا جيڪڏهن استاد کي ئي نه هوندي. سگهاري مطالعي واريون عادتون، شروعاتي عمر ۾ پيدا ڪيون وينديون آهن، جيڪي پوءِ سموري عمر ماڻهوءَ سان هجن ٿيون ڀلي پوءِ ان جي رهڻي ڪهڻي ڇو نه مصروف ترين هجي. انهن لاءِ مطالعي لاءِ وقت ڪڍڻ ڪو به مسئلو نه هوندو آهي.


ذريعو:    روزاني ڊان، ڪراچي. بتاريخ: 08.12.2008